حڪيم محمد صادق طالب

حڪيم محمد صادق طالب: ناميارو حڪيم، شاعر ۽ اديب محمد صادق طالب‘، 1903ع ڌاري خـيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو. پنهنجي وقت ۾ اعليٰ پايي جو حڪيم ٿي گذريو آهي. کيس علم ادب سان ننڍي هوندي کان چاهه هيو. 1963ع ڌاري هن ’بزم طالب‘ جو بنياد وڌو. سـندس لکيل ڪتابن ۾: (1) ’تحفه خيرپور ناٿن شاهه‘ (2) ’محمد صادق الامين‘، (3) ’ديـوان طـالب‘، ’(4) ’خـيـر الادب‘ ۽ (5) ’طـب روحـانـي‘ قـابـل ذڪـر آهن. محمد صادق کي درس تدريس سان به گهڻو چاهه هو. هن 1954ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ’مدرسه خير العلوم‘ سميت گرلس هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو. هن خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي فروغ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. هن 28 جون 1967ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو